وزيراعظم عمران خان پاڪستان جو ٽرمپ آهي: شاهد خاقان عباسي

 راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وزيراعظم کي آمريڪي صدر سان ڀيٽيندي چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جو ٽرمپ آهي. مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت پنهنجيون معاشي پاليسيون ٺيڪ ڪري نه ته مهانگائي جي ٻوڏ ايندي، جيڪي حالتون آهن ان سان ملڪ ۽ جمهوريت کي خطرو آهي، عوام روڊن تي نڪتي ته حڪومت  ڪرڻ مشڪل بڻجي ويندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته 100 ڏينهن ۾ مخالف به چئي رهيا آهن ته نواز شريف حڪومت بهتر هئي، پي ٽي آءِ حڪومت مينهن ۽ مرغين جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ان سان مسئلا حل نه ٿيندا، وزيراعظم صاحب چوي ٿو ته مڊٽرم اليڪشن ٿي ويندي، هي ماڻهو ڀڄڻ چاهين ٿا.


December 6, 2018 at 5:16 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو