اومني گروپ جي ڌمڪين جي رڪارڊنگ آهي، ان لاءِ مجيد ڪٽنب کان موبائل کسيا: چيف جسٽس

 اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان جسٽس ثاقب نثار جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته اومني گروپ جي ڌمڪين جي آڊيو رڪارڊنگ موجود آهي، ان ڪري مجيد ڪٽنب کان جيل مان موبائيل فون کسيا ويا آهن. رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي اومني گروپ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته بئنڪن ۽ اومني گروپ کي قرضن جي ادائيگي سيٽلمينٽ معاهدا پيش ڪرڻا آهن. بئنڪ جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته کنڊ جا 25 لک ٿيلها گم ٿيڻ مجرماڻو فعل آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو فراڊ ٿيو آهي ته سول ۽ فوجداري فورم سان رابطو ڪريو، لڳي ٿو بئنڪ گارنٽي لاءِ سڄي ڪارروائي ڪاغذي هئي، بئنڪ جا جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن خلاف به ڪيس داخل ڪرايو، قرض ۽ گارنٽي معاملي ۾ جيڪو ملوث هوندو انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته معاملي جي جاچ ايف بي آءِ ڪندي ۽ عدالت جو اهو ئي حڪم آهي. عدالت چيو ته اومني گروپ بئنڪ ۾ رکيل گارنٽي ۾ به بدنيتي ڪئي، گروپ خلاف فوجداري ڪارروائي جو بئنڪ خواهشمند آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته پرچو داخل ٿئي جنهن وقت ٺاهه ٿيڻو هوندو ٿي ويندو، اومني گروپ رڳو وقت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، سمجهوتو ڪرڻو آهي ته 5 ارب رپيا بئنڪ کي ادا ڪريو. ان موقعي تي اومني گروپ جي وڪيل اپيل ڪئي ته عدالت ٿوڙو وقت ڏئي، مون کي اصيل کان هدايتون وٺڻيون آهن، عبدالغني مجيد سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪرڻي آهي. عدالت عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي جي وڪيلن کي ملاقات جي اجازت ڏيندي چيو ته اومني گروپ جا وڪيل پنهنجن اصيلن سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا، اصيل سان ملاقات ڪري عدالت کي آگاهه ڪريو. اومني گروپ جي وڪيل عدالت کان ڪيس سڀاڻي تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي تائين نه اڄ رات تائين ويٺا آهيون، ڪينٽين کليل آهي اتي وڃو چانهه پيئو، اوهان ڪيس ۾ ڪيتري فيس ورتي، جيڪڏهن ٻڌائيندس ته ماڻهو حيران ٿي ويندا. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اومني گروپ جي ڌمڪين جي آڊيو رڪارڊنگ موجود آهي، مجيد ڪٽنب کان جيل مان موبائيل ان ڪري کسيا ويا آهن.


December 6, 2018 at 5:15 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو