هلندڙ سال ٻارن سان زيادتي ۽ غيراخلاقي ويڊيوز ٺاهڻ جا 15 ڪيس رجسٽر ٿيا: ايف آءِ اي

ڪراچي (بيورو رپورٽ ) وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) جي سائبر ڪرائم ونگ جي ڊائريڪٽر محمد شعيب جو چوڻ آهي ته گذريل سال ايف  آءِ وٽ ٻارن سان زيادتي ۽ غيراخلاقي ويڊيوز ٺاهڻ جو رڳو هڪ ڪيس رجسٽر ٿيو هو، پر 2018 ۾ اهڙا 15 ڪيس رجسٽر ٿيا آهن. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته متاثر ٻارن جا والدين به بدنامي جي ڀوَ کان سامهون ناهن ايندا هئا، پر جهڙي ريت پاڪستان ۾ ماڻهن کي انٽرنيٽ تائين پهچ ملي رهي آهي، ائين ئي ماڻهن ۾ اهڙن واقعن کي رپورٽ ڪرڻ جي به آگاهي پيدا ٿي رهي آهي. پروگرام دوران محمد شعيب کان سوال ڪيو ويو ته ٻارن سان زيادتي ۽ غيراخلاقي ويڊيوز ٺاهي انهن کي واٽس يا ٻين سوشل ميڊيا گروپن تي شيئر ڪرڻ جون رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن، پر ان حوالي سان ڪو ثبوت ناهي ته ڇا هي ڪو منظم گروهه يا نيٽ ورڪ آهي، پر جيڪڏهن هزارن جي انگ ۾ ويڊيوز برآمد ٿي رهيون آهن ته ويڊيوز کين ڪو ته موڪليندو هوندو؟  جنهن تي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ محمد شعيب جواب ڏيندي چيو ته اسان وٽ ٻن قسمن جا ڏوهاري ايندا آهن، هڪ ته اهي جيڪي پاڪستان ۾ ئي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ٻيا اهي جن جي حوالي سان اسان وٽ پرڏيهي ملڪ مان رپورٽون اينديون آهن ۽ ٻنهي صورتن ۾ اسان وٽ ثبوت موجود آهن. محمد شعيب چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي چائلڊ پورنوگرافي جي الزام هيٺ گرفتار حمزا جي ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان گروپ جا 1600 پاڪستاني ميمبر آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن ۽ جن جا ٽبوت ايف آءِ اي وٽ موجود آهن جڏهن ته ان جا ڪجهه ميمبر آمريڪا مان به رپورٽ ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته انهن 1600 ميمبرن مان ڪجهه متاثر ٻارن يا عورتن به ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته ڏوهاري ذهينت رکندڙ ماڻهو به، جيڪي باظابطا طور ان ڪم ۾ ملوث هوندا آهن. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ موجب ڪيئي عورتون يا ٻار اهڙا به هوندا آهن، جن کي اهو پتو ئي ناهي هوندو ته انهن گروپن کي هلائيندڙ ڪير آهي ۽ اهي ڪهڙي ڪم ۾ ملوث آهن، هو بس ڪنهن به نموني اڻ ڄاڻائي ۾ اُن گروپ ۾ ايڊ ٿي ويندا آهن. هن هڪ واقعي جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ننڍڙي ٻار کي جوابدار چيو ته پنهنجي ويڊيو ٺاهي ڏي، جنهن بعد جوابدار اها ويڊيو پنهنجي گروپ ۾ شيئر ڪري ڇڏي، ان ٻار جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي سندس پاڙي جا ماڻهو به ايڊ هئا، جنهن سبب اها ڳالهه پکڙجي وئي ۽ اهو ٻار اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو، جنهن بعد سندس والدين ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو. محمد شعيب وڌيڪ ٻڌايو ته هنن وٽ فرنٽيئر کان به هڪ ڪيس آيو آهي، جتي هڪ شخص وٽان هزارن جي انگ ۾ ويڊيوز مليون آهن، جيڪي سڀ غيرملڪي ٻارن جون آهن ۽ ايف آءِ اي کي ان بابت اسپين جي سفارتخاني آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ان شخص خلاف پاڪستان ۾ ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿيو،  پر سائبر ڪرائم وٽ ڪيتريون ئي شاهديون آهن ۽ اهو ضروري ناهي ته ٻار پاڪستاني ئي هجن، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن به ٻار جي غيراخلاقي ويڊيوز شيئر ڪري رهيو آهي اهو چائلڊ پورنو گرامي جو ئي ڪيس آهي. پوليس ۽ ايف آءِ اي ۾ رابطن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ٻڌايو ته اسان ٻن طريقن سان ڪم ڪندا آهيون، هڪ ته اسان کي پرڏيهي ملڪن مان رپورٽون ملنديون آهن، ٻيو پاڪستان ۾ ماڻهو ذاتي طور تي به اسان کي شڪايتون ڪندا آهن. ان کانسواءِ اسان پاڻ به ويب سائيٽن کي مانيٽر ڪندا آهيون ۽ ڪيس رجسٽر ڪندا آهيون. هن ٻڌايو ته تازو ئي روالپنڊي ۾ اسان هڪ ڪارروائي ڪئي، پر متاثر خاندان ڪيس رجسٽر ڪرائڻ نه پيو چاهي. محمد شعيب وڌيڪ چوڻ هو ته جنهن طرح پاڪستان ۾ ماڻهن انٽرنيٽ تائين پهچ ملي رهي آهي، اهڙي طرح ماڻهن کي اهڙا واقعا رپورٽ ڪرڻ جي به آگاهي ملي رهي آهي، جنهن چٽو ثبوت اهو آهي ته 2017 ۾ ايف آءِ اي وٽ ٻارن سان زيادتي ۽ ويڊيوز ٺاهڻ جو هڪ ڪيس رجسٽر ٿيو هو پر 2018 ۾ اهڙن ڪيسن جو انگ 15 آهي.


December 6, 2018 at 5:14 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو