سپريم ڪورٽ طرفان ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پنجاب حڪومت طرفان ماڊل ٽائون سانحي جي نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ واري فيصلي تي سپريم ڪورٽ عوامي تحريڪ جي درخواست اڪلائي ڇڏي جڏهن ته ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته طاهر القادري ڌرڻو هنيو پر عدالتن ۾ نه آيو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ ماڊل ٽائون سانحي جي ٻيهر جاچ ۽ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري عدالت جي روبرو پيش ٿيو ۽ پاڻ دليل ڏيندي عدالت کي واقعي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو. طاهر القادري واقعي جي  جي آءِ ٽي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته جاچ دوران ڪنهن مظلوم جو بيان رڪارد نه ڪيو ويو، جي آءِ ٽي ڪنهن به زخمي جو بيان رڪارڊ نه ڪيو، ڇا اهڙي جاچ کي جاچ چئي سگهجي ٿو؟ يتيم ماڻهو چون ٿا ته اسان کي انصاف نه ملندو، طاهر القادري عدالت ۾ ڳوڙها ڳاڙي ويٺو ۽ چيائين ته اسان فلسطيني هئاسين جنهنڪري اسرائيلي فوج گوليون هلائيون. طاهرالقادري چيو ته ٽرائل ٻيهر ٻُڙي جي سطح تي اچي ويو آهي، چار سال اسان جا جوابدار اقتدار ۾ هئا، ان ڪيس ۾ جاچ جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، پوليس پهريان جي آءِ ٽي ۾ داخل ڪيس جي درخواست تسليم ڪئي، ٻه مهينا ڌرڻو هڻڻ کانپوءِ ايف آءِ ار دخل ٿي، پر ٻيهر جاچ ۾ ايف آءِ ار داخل ڪرڻ دير جو ذڪر نه ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته پهريان به روزاني بنيادن تي ٽرائل جو حڪم ڏنو هو، ان کان وڌيڪ تيز انصاف ڪهڙو ڏئي سگهون ٿا؟ طاهر القادري چيو ته اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته واقعو ڇو پيش آيو، ڪڙيون نه ملايون ويون  ته جاچ ئي نه ٿيندي، اسان جي ڪيس جي اڄ تائين جاچ ناهي ٿي، اسان بنيادي طور تي نئين سر سان جاچ ڪرائڻ چاهيون.  جنهن تي چيف جسٽس طاهر القادري کي چيو ته اوهان ڌرڻو هنيو پر عدالت ۾ نه آيا، عدالت سميت هر ڪم کي ڌرڻو هڻي مفلوج ڪيو ويو، اوهان کي پهريان ئي عدالت ۾ اچڻ گهرجي ها، جن ماڻهن ڏانهن اوهان ويندا هئا اهي عداليا کان مٿانهن ناهن، اوهان انهن وٽ ويا جن جو ڪيس سان تعلق نه هو، ڌرڻي وارن عدالت تي ڦاٽل پراڻيون قميصون ٽنگيون، ڇا اها عدالت جي تڪريم آهي؟ ججن جو به رستو روڪيو ويو، اوهان مناسب قانوني اختيارين سان رابطو نه ڪيو. نواز شريف جي وڪيل چيو ته عوامي تحريڪ جي آءِ ٽي ۾ پيش ناهي ٿي، جي آءِ ٽي ۾ حساس ادارن جا ماڻهو به شامل هئا. جنهن تي طاهر القادري جواب ڏيندي چيو ته گرفتاريون ٿي رهيون هيون جي آءِ ٽي ۾ ڪير ۽ ڪيئن وڃي ها؟ هر هر چيو پنجاب حڪومت ۽ وزيراعظم اسان جو جوابدار آهي، ڇا ڊي ايس پي وزيراعظم ۽ وڏي وزير خلاف جاچ ڪري سگهي ٿو، ڀلي الزام غلط ثابت ٿين پر جاچ ٿيڻ گهرجي، بيريئر هٽائڻ لاءِ اسان کي ڪو به نوٽيس نه مليو هو پر اصل ايجنڊا لانگ مارچ کي روڪڻ هو، نئين جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، سمورا ماڻهو نئين جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿين ته بهتر جاچ ٿي سگهندي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت کي ڏسڻو آهي ته جي آءِ ٽي آزاد هئي يا نه ۽ اوهان جو موقف آهي ته جاچ شفاف ناهي ٿي، پنجاب حڪومت نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جي حمايت ڪئي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته حڪومت کي نئين جي آءِ ٽي جورڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. واضح رهي ته 17 جون 2014 تي لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاهه تي قائم حددخلين جي خاتمي لاءِ پوليس طرفان آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران مزاحمت تي پوليس جي فائرنگ ۾ 14 ڄڻا مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. سپريم ڪورٽ واقعي جي نئين جي آءِ ٽي واري درخواست تي نواز شريف، شهباز شريف، حمزا شهباز، راڻا ثناءَ الله، چوڌري نثار، خواجه آصف، پرويز رشيد، عابد شير علي ۽ اٽارني جنرل سميت 146 ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن.


December 6, 2018 at 5:12 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو