سپريم ڪورٽ اهو ڪم ڪيو جيڪو جمهوري حڪومتن کي ڪرڻ گهرجي ها: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته سڀني کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جو ڪم سپريم ڪورٽ شروع ڪيو ۽ اهي ڪم ڪيا جيڪي جمهوريت حڪومتن کي ڪرڻ گهرجن هئا. لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي اهتمام هيٺ ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ڌيان جي عنوان تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عرمان خان چيو ته چيف جسٽس جو شڪرگذار آهيان، پهريون وزيراعظم آهيان جنهن کي دعوت ڏني، شڪر آهي ڪورٽ نمبر هڪ ۾ نه گهرايو. وزيراعظم چيف جسٽس کي مخاطب ڪندي چيو ته پاناما جو فيصلو اهم هو اوهان نئين پاڪستان جي بنياد رکي ڇڏي، جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي اهو اڳتي ويندو آهي، اسان وٽ اليڪشن ٿينديون هيون پر قانون جي حڪمراني نه ايندي هئي، ڊڪٽيٽر ڊيموڪريٽ بڻجڻ ۽ ڊيموڪريٽڪ ڊڪٽيٽر بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته هاڻوڪين حالتن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان بهترين دور جي شروعات ٿي آهي، اسان مديني جهڙي رياست ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين، سپريم ڪورٽ اهي ڪم ڪيا جيڪي جمهوري حڪومت کي ڪرڻ گهرجن ها پر جمهوريت حڪومتون بدقسمتي سان صرف پنجن سالن جو سوچينديون هيون ته جيئن ايندڙ اليڪشن کٽي وڃن جڏهن ته ڊيم پنجن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ ٺهندي آهي، ان ئي محدود سوچ سبب هن مسئلي ۾ گهيريل آهيون. وزيراعظم چيو ته ٿورا بار خوشحال گهراڻو تمام سٺي مهم هئي جنهن کي اوڀر پاڪستان لاءِ سمجهيو ويندو هو پر هو اوڀر پاڪستان بنگلاديش اسان کان اڳتي نڪري ويو ڇو ته ان جي سوچ پري جي هئي. عمران خان چيف جسٽس کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان قانون جي حڪمراني جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو جيڪا تمام سٺي شئي آهي، اوهان هر طاقتور کي قانون جي هيٺ آڻيندا آهيو، اهو سڀ پاناما کان شروع ٿيو ان جو ڪوبه تصور نه پيو ڪري سگهي ته اقتدار ۾ ويٺل وزيراعظم قانون جي هيٺ اچي سگهي ٿو، اڄ سي ڊي اي منهنجي هيٺان آهي پر اڄ سي ٽي اي ٻڌائي رهيو آهي ته عمران خان هي غلطي ڪئي، اهو تصور پهريان نه هو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان تي قرض چرهيل آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان کان نڪري وينداسين خراب معاشي حالتون هجڻ جي باوجود سرمائيدار پاڪستان اچي رهيا آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سول ۽ ڪرمنل قانون پراڻو ٿي چڪو آهي قبضا گروپ ان سبب ٺهيل جو سول ڪيسن جو فيصلو ئي ناهي هوندو، اسان 6 نوان قانون تيار ڪيا آهن جيڪي اسيمبلي ۾ آڻي رهيا آهيون، سول ڪرمنل پروسيجر ڪورٽ جو قانون به آڻي رهيا آهيون جنهن  ڪجهه وقت لڳندو، ڪوشش ڪري رهيا آهيون قانونسازي وسيلي ان ۾ نواڻ آڻيون، اسان سئو ڏينهن ۾ قانونسازي ڪري ورتي آهي  جنهن تي خوشي آهي. ان موقعي  تي وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس لاهور جون ڀتيون ڪيرائڻ جي حڪم جي به وضاحت ڪئي ۽ چيو ته گورنر هائوس جون ڀتيون ان لاءِ ڀڃڻ چاهيون ٿو ته اندر کان گورنر هائوس جو گارڊن نظر اچي لاهور ۾ وڻ ختم ٿي ويا آهن اهو سڀ ماحوليات ۽ آبادي سان لاڳاپيل آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته غلط فيصلن ۽ بيمارين جي ڪري اسان جي آبادي وڌي  رهي آهي، هاڻ ٻارن کي اسڪولن ۾ فيملي پلاننگ ۽ وڻن بابت پڙهائڻ گهرجي، پاڪستان ستون ملڪ آهي جيڪو گلوبل وارمنگ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر هوندو، شهر جنهن تيزي سان وڌي رهيا آهن وڻ گهٽ ٿيندا پيا وڃن، آبادي انهن علائقن ۾ وڃي رهي آهي جتي رهڻ ڏکيو آهي، ماڻهن وٽ رهڻ جي جاءِ ناهي اهو سنجيدا مسئلو آهي.


December 6, 2018 at 5:11 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو