وزيراعظم عمران خان طرفان نوجوانن لاءِ قومي پاليسي آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان نوجوانن لاءِ قومي پاليسي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته عثمان ڊار کي نوجوانن جي معاملن لاءِ پنهنجو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سان عثمان ڊار ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کيس پنهنجو نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار مقرر ڪيو جڏهن ته وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڪابينا ڊويزن عثمان ڊار جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. وزيراعظم نوجوانن لاءِ قومي پاليسي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نئون پاڪستان يوٿ پروگرام آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي پاليسي ۽ يوٿ پروگرام جي تياري جو ٽاسڪ عثمان ڊار کي سونپيو ويو آهي. عثمان ڊار نئون پاڪستان يوٿ پروگرام ۽ يوٿ پلس پورٽل جي تياري ڪندو. ان موقعي تي عثمان ڊار  خاص مددگار طور پروگرام نه وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مان قومي ناڻي تي بار نه ٿيندس.هن چيو ته ليپ ٽاپ نه پر نوجوانن تي پئسو خرچ ڪنداسين، وزيراعظم سان گڏجي نوجوانن کي بااختيار بڻايو ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته عثمان ڊار نوجوانن بابت پاليسي لاءِ بهترين چونڊ آهي، نوجوانن جو حڪومت سازي ۾ ڪردار وساري نه ٿو سگهان، نوجوان ساٿ نه ڏين ها ته حڪومت ۾ نه هجون ها، نوجوانن کي اهڙيون سهولتون ڏينداسين جيڪا اڄ کان اڳ نه آهن.


December 5, 2018 at 6:51 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو