اي سي سي اجلاس، هڪ لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪميٽي وڌيڪ هڪ لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پيڙهائي جي سيزن جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پيڙهائي شروع ڪرائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کان مدد طلب ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. اي سي سي پهريون ئي 10 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.  ذريعن موجب اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ برآمد وڌائڻ لاءِ ري فنڊ جي وقت تي ۽ سڌي ادائيگي جو معاملو ملتوي ڪيو جڏهن ته برآمد ڪندڙن کي ري فنڊ جي ادائيگي جي معاملي تي طريقيڪار واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اي سي سي چيو ته ايف بي آر، واپار، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ناڻي واري وزارت جون اختياريون طريقيڪار بڻائينديون.


December 5, 2018 at 6:51 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو