وزيراعظم شيخ رشيد کي نالا لئي ايڪسپريس وي جو فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان شيخ رشيد کي نالا لئي ايڪسپريس وي جو فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته نالا لئي جي ٻنهي پاسن کان سگنل فري روڊ جي اڏاوت ڪئي ويندي. هن چيو ته  منصوبو 2006ع ۾ شروع ڪيو ويو پر ايندڙ حڪومتن منصوبي کي روڪي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته  اسلام آباد ۽ راولپنڊي وچ ۾ مسئلا حل ٿيندا، منصوبي سان راولپنڊي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي روڪٿام ٿي سگهندي. شيخ رشيد چيو ته  نالا لئي کي تاريخي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.


December 5, 2018 at 6:37 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو