العزيزيه ريفرنس: فرد جرم ۾ لڳايل الزام فريادي ڌر ثابت نه ڪري سگهي آهي: خواجا حارث

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث العزيزيه ريفرنس ۾ آخري دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته العزيزيه اسٽيل ملز قائم ڪرڻ وقت نواز شري وٽ عوامي عهدو نه هو، جيڪا ملڪيت سندس آهي ئي نه هو تنهن جي وضاحت ڇو ڏي ها، جڏهن ته فرد جرم ۾ لڳايل الزام فريادي ڌر ثابت نه ڪري سگهي آهي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب جو ڪيس آهي ته نواز شريف بي نامي طور ملڪيتون ٺاهيون آهن پر بي نامي ٽرانزيڪشن بابت فريادي ڌر ڪي شاهديون پيش نه ڪري سگهي. خواجه حارث چيو ته پٽ هل ميٽل جي رقم نواز شريف کي موڪلي، رڳو ان رقم سان بي نامي جا سمورا جزا پورا نه ٿا ٿين، العزيزيه مان ڪابه رقم نواز شريف کي نه موڪلي وئي،  سندس پهرين ڏينهن کان هڪ ئي موقف آهي. فريادي ڌر جي وڪيل چيو ته هل ميٽل جي رقم بابت جي آءِ ٽي ڪا جاچ نه ڪئي،  نواز شريف کي بي نامي مالڪ قرار ڏنو ويو پر ڪي به شاهديون پيش نه ڪيون ويون. خواجه حارث چيو ته العزيزيه اسٽيل ملز قائم ڪرڻ وقت نواز شريف وٽ عوامي عهدو نه هو، جيڪا ملڪيت سندس آهي ئي نه تنهن جي هو وضاحت ڇو پيش ڪري، جڏهن ته فريادي ڌر فرد جرم ۾ لاڳو ڪيل الزام ثابت نه ڪري سگهي آهي. نواز شريف جي وڪيل چيو ته ڏوهه ۾مدد يا مشوري ۾ هڪ ئي ڪيس ۾ سزا ٿي، اها ڀٽو جي موت جي سزا هئي،  اهو فريادي ڌر کي ثابت ڪرڻو آهي ته نواز شريف ڪئين العزيزيه قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته مريم کي موڪليل رقم جو ذڪر ڪيو ويو اها ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ناهي.


December 5, 2018 at 6:36 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو