جمهوريت جي بحالي لاءِ وڪيلن جو وڏو ڪردار آهي: اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

خيرپور (ڊر) اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني چيو آهي ته جمهوريت جي بحالي لاءِ وڪيلن جو وڏو ڪردار آهي، آمر خلاف وڪيلن وڏي جدوجهد ڪئي آهي، مان به وڪيل آهيان، وڪيلن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهان ٿو، هو خميس جي ڏينهن ٺهيل نئين بار جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سيد قائم علي شاهه چيو ته شهيد ذولفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، ان آئيني ڪميٽي ۾ مان به ميمبر هيس، هاڻي آئين جي رکوالي ڪرڻ وڪيلن جو ڪم آهي، ڇو جو هو قانوندان آهن، مون کي گذريل ڏينهن زرداري صاحب جي سامهون دوستن الزام لڳايا ته مان صرف خيرپور جا ڪم ڪيا آهن، پر مان دعويٰ سان چوان ٿو ته مون سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇايا، بي زمين هارين کي زمين ڏني، ٽي لک بيروزگارن کي روزگار سان لڳايو، موجوده حڪمران رڳو مهانگائي کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي ڏينهون به ڏينهن ملڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسندو وڃي ٿو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ياسر عرفات شر، ڊي پي پي عطا حسين چانڊيو، بار جو جنرل سيڪريٽري اعجاز چانڊيو، نائب صدر محمد جمن سهتو، اي ڊي پي پي خورشيد دستي، اڳوڻو بار جو صدر شفقت مهيسر، وڪيل ذولفقار راڄپر، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ لياقت شر، مير بخش شر، مجاهد راجپوت، نور محمد سومرو ۽ ٻيا موجود هئا، جڏهن ته بار طرفان اڳوڻي وڏي وزير کي اجرڪ پڻ اوڍايا ويا.


November 8, 2018 at 11:49 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو