پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون، معيشت بابت ڊيٽا شيئر

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون ٻئين ڏينهن به جاري رهنديون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان جي ٻن هفتن جي دوري تي آهي جنهن دوران پهرئين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف سان معيشت جي مختلف شعبن جي ڊيٽا شيئر ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي وفد سان اڄ پاور سيڪٽر جي ڊيٽا شيئر ڪئي ويندي جنهن ۾ ٿيندڙ نقصانن ۽ وصولين بابت انگ اکر پيش ڪيا ويندا. ڳالهيون جي ٻيون مرحلو سومر کان شروع ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي سطح تي ڳالهيون ٿينديون ۽ ڳالهين جو اهو سلسلو 20 نومبر تائين جاري رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان 6 کان 7 ارب ڊالرن تائين مالي ضرورتن جي درخواست ڪري سگهي ٿو، پاليسي سطح جي ڳالهين ۾ ناڻي وارو سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ شريڪ هوندا.


November 8, 2018 at 11:49 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو