سي پيڪ پاڪستان سميت خطي لاءِ گيم چئنجر آهي: شاهه محمود

ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان سميت خطي لاءِ گيم چئنجر آهي،  ملڪ جو مستقبل سي پيڪ سان جڙيل آهي، سي پيڪ رٿا سان خطي ۾ گڏيل رابطن کي هٿي ملندي. بهاءَ الدين زڪريا نيشنل صوفي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده وقت ۾ ملڪ ۾ اتحاد جي اهم ضرورت آهي، ننڍي کنڊ ۾ دين جي سربلندي ۾ صوفين جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پنهنجو پيغام دنيا ۾ پهچائڻ لاءِ مدرسن کي مرڪزي ڌاري ۾ آڻڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته قبائلي علائقن ۾ جيڪي چئلينجن آهن تنهن جي سڀني کي خبر آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسلام ۽ پاڪستان جو حقيقي چهرو دنيا کي ڏيکاريو وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته بلوچستان جا رهواسي پرڏيهي ڏڦيڙ جو شڪار آهن، عام ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ حڪومت جي اوليت آهي.


November 8, 2018 at 11:48 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو