پاڪستان يمن معاملي تي ٽياڪڙي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان يمن معاملي تي ٽياڪڙي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، تفصيل ظاهر نه ٿا ڪري سگهجن.  اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته  وزيراعظم چيني هم منصب جي دعوت تي چين جو دورو ڪيو، دوري سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي.  هن چيو ته پاڪستان يمن جي معاملي تي مصالحت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي پر معاملي تي تفصيل اڃا ظاهر نه ٿا ڪري سگهجن. سندس چوڻ هو ته برطانوي پارلياماني گروپ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي  ظلم کي وائکو ڪيو، والاريل ڪشمير ۾ ظلم تي گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل بعد ٻي عالمي رپورٽ آهي،  رپورٽ والاريل ڪشمير ۾ لاڳو قانونن جي نشاندهي ڪئي، جڏهن ته رپورٽ ۾ جاچ ڪميشن کي والاريل ڪشمير جي دوري جي تجويز ڏني وئي آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 19 هٿين خالي ڪشميرين کي شهيد ڪيو، پرڏيهي وزير به ڀارتي بربريت جي شديد مذمت ڪئي پر عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.  هن چيو ته آسيه بي بي پاڪستان ۾ محفوظ هنڌ تي آهي، ميڊيا اهڙي قسم جي خبرن کان اڳ تصديق ڪري، آسيه بي بي هاڻي آزاد شهري آهي، آسيه بي بي عدالتي بعد جتي وڃون وڃي سگهون ٿا، آزاد شهري جي چرپر تي ڪابه پابندي ناهي، آسيه بي بي خلاف نظرثاني درخواست عدالت ۾ آهي، قانوني طور تي جيڏهن کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪي سگهجي ٿو ته پرڏيهي وزارت ٻڌائي سگهي ٿي.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي ائٽمي آبدوز جي گشت شروع ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارتي ائٽمي آبدوز جو اهڙي نموني گشت ڪرڻ عالمي امن لاءِ خطرو آهي پر ڪنهن کي پاڪستاني صلاحيتن تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي


November 8, 2018 at 11:47 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو