ڪچي آبادي ڪيس: چارئي صوبائي حڪومتون سفارشن تي جواب جمع ڪرائن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ ڪچي آبادين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪي پي ۽ بلوچستان جواب جمع ڪرايا، پنجاب ۽ سنڌ جواب جمع ناهن ڪرايا.  تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ ڪچين آبادين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪي پي ۽ بلوچستان جواب جمع ڪرايا آهن، جواب عدالتي مددگار بلال منٽو جي سفارشن تي ڏنو ويو. بلال منٽو عدالت عظميٰ کي ٻڌايو ته سفارشون مون ۽ قانون ۽ انصاف واري ڪميشن تيار ڪيون آهن، هر هائوسنگ سوسائٽي ۾ گهٽ قيمتن گهرن جو حصو هئڻ گهرجي. ايڊيشنل اڊووڪيٽ جنرل بلوچستان چيو ته گهٽ  قيمت گهرن جو ايڪٽ بڻايو آهي، ان ۾ ڪا به گهٽتائي آهي ته ختم ڪنداسين. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت گڏيل رپورٽ پيش ڪئي آهي، ڪي پي ۾ ڪچين آبادين بابت قانون موجود آهي، پنجاب ۽ سنڌ جواب جمع ناهن ڪرايا. عدالت عظميٰ حڪم ڏنو ته چارئي صوبائي حڪومتون سفارشن تي جواب جمع ڪرائن، وفاقي حڪومت به گهٽ قيمتن بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ 10 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪچين آبادين بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


November 8, 2018 at 11:46 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو