وفاقي ڪابينا طرفان خطرناڪ قيدين کي نظر بند ڪرڻ سميت 21 نقاطي ايجنڊا جي منظوري

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان وزيرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي لڳائي ڇڏي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 21 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ 21 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي چين جي دوري تي اعتماد ۾ ورتو. ناڻي واري وزير اسد عمر چين ۾ ٺاهن جي تفصيلن کان ڪابيناکي آگاهه ڪيو. ممڪلتي وزير شهريار آفريدي احتجاج ۾ ٿيل نقصانن تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني.  ڪابينا مختلف ڪيسن ۾ جوابدارن کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ مولانا سميع الحق جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي.  وزيراعظم عمران خان چيو ته مولانا سميع الحق جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، ملڪ ۾ امن امان لاءِ شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.  اجلاس ۾ 5 خطرناڪ جوابدارن رسول خان، وسيم اختر، حفيظ الياس، مشتاق ۽ ساجد علي کي تحويل ۾ رکڻ، چيئرمين ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي مقرري، پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام لاءِ ٽيڪس ڊائريڪٽر 2017ع شايع ڪرڻ کانسواءِ برطانيا ۽ آئر لينڊ سان قيدين جي مٽاسٽا جي ٺاهه جي منظوري به ڏني وئي.


November 8, 2018 at 11:45 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو