حددخلين خلاف ڪارروائي جاري رکي ويندي: وسيم اختر

ڪراچي( م ڊ) ڪراچيءَ جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته حددخلين خلاف ڪارروائي جاري رهندي، مزاحمت ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، اسان ڪراچيءَ جون رونقون بحال ڪرڻ چاهيون ٿا، حددخلين خلاف ڪارروائي تي عوام خوش آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته ڪنهن دڪاندار سان ناجائزي نه ڪنداسين، جن جا ٺاهه رد ڪيا ويا آهن کين ڪنهن ٻئي هنڌ متبادل ڏينداسين، ڪي ايم سي ماضي ۾ ڪانٽريڪٽ تي دڪان ڏنا جن کي ختم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايمپريس مارڪيٽ ۾ دڪاندارن غير قانوني طور احتجاج ڪيو، ڪراچي ۾ حددخليون ٿيڻ نه ڏينداسين،  ماضي جي غلطين کي ٻيهر نه ورجايو وڃي.


November 8, 2018 at 11:45 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو