فياض الحسن پنهنجي دماغ جو معائنو ڪرائي، خرچ مان ادا ڪندس: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (بيورورپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي پنهنجي خرچ تي پنجاب جي سڌ سماءِ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ کي دماغي معائنو ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهدخاقان عباسي چيو ته اين آر او بابت ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي، وزير به ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ بدقسمتي سان وزيراعظم جو به اهوئي رويو آهي، هي سندن پراڻو طريقو آهي، اسان چيو آهي اسمبلي سميت جنهن فورم تي الزام لڳائڻو آهي لڳايو، اهڙا ڪوڙ ڳالهائڻ حڪومت کي زيب نٿا ڏين. اڳوڻي وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته پنجاب جو سڌسماءَ وارو وزير فياض الحسن چوهاڻ چوي ٿو ته وڳوڙن ۾ ن ليگ جا ڪارڪنن ملوث آهن؟ ان تي شاهد خاقان عباسي صوبائي وزير جو دماغي معائنو ڪرائڻ مشورو ڏنو ۽ چيو هو ان جي فيس ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ٻڌائي ته آءِ ايم ايف سان ڪهڙيون ڳاليهون ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ  ته دعويٰ ڪئي هئي ته آپگهات ڪنداسين پر آءِ ايم ايف وٽ نه وينداسين. شاهد خاقان عباسي مطالبو ڪيو ته ملڪ جي اقتصادي حالتن ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي پارليامنٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ايڏو وڏو واقعو ٿيو ڪنهن وزير يا وزيراعظم پارليامنٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو. سندس چوڻ هو ته چين اسان جو دوست ملڪ آهي، چين جو ڪو به دورو ڪڏهن به ناڪام ناهي هوندو، اهو ضروري آهي ته وزيراعظم ٻڌائي ته چين ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون، گڏيل پڌرائي ۾ ڪيئي ڳالهيون وضاحت طلب آهن.


November 8, 2018 at 12:52 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو