رياست کي تشدد ۽ انتهاپسندي جي پاليسي ترڪ ڪرڻي پوندي: رضا رباني

اسلام آباد( بيورورپورٽ) سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي اندر توهين رسالت جو مسئلو نٿو اُٿي سگهي، اهڙو ڪو به مسلمان ناهي جيڪو انهن جي توهين برداشت ڪري. سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي رضا رباني جو چوڻ هو ته تاريخي طور تي پاڪستان جي رياست هميشه مسلم پرستي کي اڳتي وڌايو. هن چيو ته اسان ڳالهه ڪندا آهيون ته ڪري رياست جي رٽ هئڻ گهرجي ۽ رٽ کي مڃرائڻ گهرجي. هن چيو ته رٽ آف اسٽيٽ، ون وي ٽريفڪ ناهي، جيڪڏهن رياست پنهنجي ذميوارين ۾ ڪوتاهي ته رياست کي رٽ مڃرائڻ ڏکيو ٿي ويندو. رضا رباني جو چوڻ هو ته جڏهن رياستي ادارن کي نيلام ڪنداسين ته ڇا رهندو، رياست تعليم جي فراهمي ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ماڻهو پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهائي رهيا آهن. هن حڪومتي ڪارڪردگي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته رياست عوام کي پاڻي فراهم ناهي ڪري رهي، عوام ٽينڪرن مان پاڻي وٺي رهيو آهي. رياست کي تشدد ۽ انتها پسندي جي پاليسي ترڪ ڪرڻي پوندي


November 8, 2018 at 12:51 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو