عام چونڊون ۽ سنڌ جي بقا جو سوال

سنڌ تي گذريل ڏهه سال پاڪستان پيپلزپارٽيءَ حڪمراني ڪئي، ايم ڪيو ايم چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل حڪومتن جو ڊگهي عرصي تائين حصو رهي آهي. نواز ليگ جي سنڌ ۾ نه تڏهن به وفاق ۾ ضرور حڪومت ۾ رهي آهي. اهري طرح فنڪشنل ليگ به چونڊيل توڙي اڻ چونڊيل حڪومتن جو حصو رهي آهي، عام چونڊن ۾ ووٽر ٻه شيون سامهون رکي ووٽ ڏيندو آهي، هڪ سياسي جماعتن جو نظريو، منشور ۽ پروگرام ۽ ٻيو سندن حڪومت جي دور واري ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکي ووٽ ڏيندو آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ ڪنهن به جماعت جي ڪا به اهڙي ڪارڪردگي ناهي رهي جنهن کي آئيڊيل چئي سگهجي. سو جيڪي روايتي جماعتون موجود آهن ۽ جيڪي عام چونڊن ۾ حصو به وٺي رهيون آهن تن ۾ ڀيٽ ڪري، سندن ڪارڪردگي ڏسندي ئي ووٽر وٽ ووٽ ڏيڻ جو آپشن موجود آهي.سنڌ ۾ هر چونڊن ۾ هڪ پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ان جي سامهون باقي سڀ جماعتون هونديون آهن، هن ڀيري به ائين آهي هڪ پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوار آهن ته ٻئي پاڪستان پيرپاڳاري جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ڪيل گرانڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي، جا اميدوار، جي ڊي اي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم ۾ توڙي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي يا ائين کڻي چئجي ته ڄامشورو اتحاد ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ به ٿي آهي، يعني مختلف هنڌن تي پ پ مخالف جماعتن ۽ جي ڊي اي هڪ ٻئي جي حمايت به ڪئي آهي. هنن چونڊن ۾ روايتي اميدوارن کان علاوه اياز لطيف پليجو، سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سيد زين شاهه به چونڊن ۾ پنهنجي قسمت آزمائي رهيا آهن.جوڙ توڙ، اتحاد ٺهڻ، ۽ ڊهڻ اميدوار بيهارڻ ۽ هٿ کڻائڻ چونڊن جي روايت هوندا آهن، اهو سلسلو جاري رهندو آيو آهي ۽ اڳتي به جاري رهندو، سڀ کان اهم سنڌ ايجنڊا آهي، هڪ ته سياسي جماعتن کي پنهنجي سنڌ ايجنڊا واضع ڪرڻي پوندي ٻيو ته ووٽر کي به جانچڻو ۽ پرکڻو پوندو ته ڪهڙي جماعت ۽ ڪهڙو اميدوار سندن دردن جو درمان ڪري سگهي ٿو ۽ سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهي ٿو.صحت، تعليم ۽ پاڻي سنڌ جا بنيادي مسئلا آهن، سنڌ ۾ اتر کان لاڙ تائين پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ جي فراهمي ٻرندڙ مسئلو آهي، موسمي ۽ آبهوائي تبديلين جي ڪري مينهن جو گهٽ پوڻ ۽ گهٽ ٻوڏن جي ڪري سنڌ جي جَرَ جو پاڻي پيئڻ قابل ناهي رهيو، اهو ئي سبب آهي جو ڪاري ڪامڻ يعني هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي مريضن جو تعداد صوبي اندر وڌندي لکن ۾ وڃي پهتو آهي ۽ اڃا به وڌي رهيو آهي، گڙدن جي بيمارين جا مريض به وڌيا آهن، مطلب ته گندو ۽ گدلو پاڻي واپرائڻ سبب سنڌ جا ماڻهو موتمار بيمارين جي مُنهن ۾ آهن.چوندا آهن ته جتي جا ميدان آباد رهندا آهن، اتي جون اسپتالون ويران هونديون آهن پر هتي ته اسپتالون مريضن سان ٿيون پيون آهن ۽ ماڻهن کي سندن درن تي بيماريءَ جي تشخيص ۽ علاج جي جوڳي سهولت ميسر نه هئڻ ڪري اهي وڏن شهرن جي وڏين اسپتالن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن، سي به اهي جن کي کيسو اجازت ڏئي، باقي گهڻا ته وسيلا نه هئڻ ڪري بي يارو مددگار ٿي گهرن ۾ ئي موت جو انتظار ڪندا رهن ٿا.سنڌ جي تعليم ان معيار جي ناهي رهي، جنهن کي عالمي تعليمي معيار چئي سگهجي، ڪاپي ڪلچر ته سنڌ جي تعليمي نظام کي ڪينسر ٿي لڳو آهي، ٻيو ته وڏيرڪي ۽ انتظامي ڳٺ جوڙ سبب ڪيئي اسڪول اڄ به واڙا بڻيل آهن ۽ هزارين اسڪول اڄ به بند آهن، تعليم شعور ڏيندي آهي سو اسڪول شعور گهر هوندا آهن، شعور گهرن کي ئي جڏهن تالا لڳل هجن ته سماج ڪيڏانهن ويندو، سو هر ڪو پرکي سگهي ٿو.

 

تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي بحالي، بند اسڪول کولرائڻ ۽ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهندڙ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻيءَ جو نيڪال، سنڌ ۾ ڪراچيءَ کان بدين تائين سامونڊي پٽيءَ تي تفريحي سهولتن جي فراهمي، گورک کي عالمي معيار جو تفريحي ماڳ بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪراچيءَ کان ڪُتي جي قبر تائين سنڌ جي جابلو پٽيءَ کي شاندار تفريحي ماڳ ۾ تبديل ڪرڻ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي راندين کي هٿي وٺرائڻ، صنعتن کي هٿي وٺرائڻ سنڌ ايجنڊا هئڻ گهرجي.

جيڪو اميدوار يا جيڪا جماعت ان ايجنڊا تي ڪم ڪري ڪم ڪندي نظر اچي يا ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪري، سنڌ جو ووٽر ان کي ووٽ ڏيڻ لاءِ سوچي سگهي ٿو. نه رڳو ايترو پر مختلف تڪن تي جيڪي اميدوار بيٺل آهن، عوام جي نظر ۾ جيڪو موزون اميدوار هجي، تنهن کي به ووٽ ڏئي مثال قائم ڪري سگهجي ٿو ته ووٽ ان کي ڏبو جيڪو ڪم ڪندو.


July 21, 2018 at 1:48 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو