نواز شريف، اڊيالا جيل ۽ عام چونڊون

لاهور جو شهر جنهن لاءِ ورهين کان اها ڳالهه مشهور آهي ته ‘ جنين لهور نئين ويکيا او جميائي نهين’. اهو لاهور جو شهر جيڪو مغل حڪمرانن کي د هلي کانپوءِ ٻئي نمبر تي اهو شهر پسند هو، اهو ئي سبب آهي جو مغل حڪمرانن دهلي کانپوءِ گهڻي ۾ گهڻيون تاريخي عمارتون لاهور شهر ۾ ئي ٺهرايون هيون.جيڪي اڄ به مغل حڪمرانن جي شان و شوڪت ۽ سندن شاهاڻن مزاج جي عڪاسي ڪن ٿيون.  لاهور جو شهر انگريزن کي به تمام گهڻو پسند هو ڇاڪاڻ ته انگريزن کي پنهنجي فوج لاـءِ سندن وفادار فوجي رڳو ان ئي شهر مان ملندا هئا. لاهور شهر جي ماڻهن جي مزاج کي اڄ به مارشل مزاج رکندڙ ماڻهن جو شهر سمجهيو وڃي ٿو. مارشل ذهن رکندڙ اهي لاهوري هر دور ۾ حڪمرانن جا سلامي رهيا آهن، اسان جڏهن تاريخ جا ورق اٿلايون ٿا، تڏهن اسان کي اهڙو ڪو به  مثال نه ٿو ملي، جنهن مان اهو ظاهر ٿيندو هجي ته لاهورين ڪڏهن ڪنهن حڪمرانن کان ڪا بغاوت ڪئي  هجي جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته اهو نواز شريف ئي آهي جنهن حڪمران هوندي اصل حڪمرانن خلاف بغاوت ڪئي آهي. اها بغاوت نواز شريف ڄاڻندي ٻجهندي ڪئي آهي يا هن کان اڻ ڄاڻائي ۾ ٿي وئي آهي، تنهن بابت تجزيو ڪندڙن جي راءِ آهي ته جيتوڻيڪ هر ڀيري ايمپائر جي آڱر مٿي ٿيڻ کان پوءِ کيس ئي فائدو ملندو ته رهيو پر هن هر ڀيري ان ئي ايمپائر جي آڱر ۾ چڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري کيس هر ڀيري اقتدار تان لاهي ڦٽو ڪيو ويندو رهيو پر هن ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته  هن کان اها غلطي هر ڀيري ڇو ٿئي ٿي ته هو جنهن وڻ جي ڏار تي ويهي ٿو اتفاق سان ان ئي ڏار کي پاڻ ئي وڍڻ ڇو شروع ڪري ڇڏي ٿو. بهرحال هر ڀيري اقتدار جي وڻ وارو ڏار وڍڻ جو اهو نتيجو نڪتو آهي ته هاڻ اقتدار جي ڇانو  ڏيندڙ وڻ ته ڇا پر هن لاءِ ڪانڊيرو به نه بچيو آهي، جنهن جي هيٺان پل کن لاءِ ويهي ساهي پٽي سگهي. نواز شريف جيتوڻيڪ “ مجهي ڪيون نڪالا” واري گهوڙا گهوڙا ڪندو رهيو پر هن عوام کي اصل ڳالهه توڙ تائين  نه ٻڌائي ته آخر  هن کان اهڙي ڪهڙي ‘ اربعا خطا’  ٿي  آهي، جو هاڻ هن کي ڪنهن به طرح معافي ملڻ جا پري پري تائين ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن. نواز شريف جي حالت هاڻ ان رڍ جهڙي آهي، جنهن واٽرڪورس مان پاڻي پئي پيتو ته کيس شينهن هڪل ڪري چيو هو ته تون ڪنو پاڻي  مون ڏانهن ڇو اماڻي رهي آهين، تنهن تي رڍ وارڻيو ته هو واٽرڪورس ۾ وهندڙ پاڻي جي مٿان ته پاڻي تون پي رهيو آهين آئون اهو پاڻي ڪيئن خراب ڪري سگهان ٿي. تنهن تي شينهن ٻيهر چيس ته تو منهنجي خلاف ٻه سال اڳ گٿا لفظ ڇو ڳالهايا هئا، تنهن جي جواب ۾ رڍ ويچاري جواب ڏنو ته ٻه سال اڳ ته آئون ڄائي به نه هئس تنهن تي شينهن کيس چيو ته جيڪڏهن تو نه ته پوءِ تنهنجي ئي ڪنهن وڏي گٿا لفظ ڳالهايا هوندا. نواز شريف هن وقت اهڙيئي قسم جي صورتحال ۾ ڦاٿل آهي هو پنهنجي بي گناهي لاءِ جيڪي دليل ڏي ٿو اهي دليل عوام کي ڪنهن حد تائين سمجهه ۾ کڻي اچي به وڃن پر جن کي سندس قسمت جو فيصلو ڪرڻو آهي، انهن کي اهي دليل وزنائتا نه ٿا لڳن ان ڪري اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته هن جي خلاف سخت کان سخت فيصلو اچڻ وارو آهي. ان سلسلي ۾ جمعي تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سندس خلاف هلندڙ ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي. نواز شريف جي قسمت بابت زائچا ڪڍندڙ نجومين کان وٺي سياسي تجزيا ڪندڙن تائين سڀني  جي اها ئي راءِ آهي ته نواز شريف کي هاڻ ڪو معجزو ئي بچائي سگهي ٿو. فرض ڪجي ته نواز شريف خلاف فيصلو اچي ٿو ۽ کيس اڍيالاجيل اماڻيو وڃي ٿو ته پوءِ سياسي صورتحال ڪهڙو رخ اختيار ڪندي تنهن بابت هر طرف ڪجهه مايوسي واري فضا ضرور آهي ۽ اڪثر حلقا اهو ئي چون ٿا ته هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ملتوي ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿيندا نظر اچي رهيا آهن، بهرحال جيڪڏهن نواز شريف خلاف فيصلو اچي ٿو ته پوءِ ڇا نواز شريف يا مسلم ليگ (ن) چونڊن ۾ حصو وٺندي يا بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي. ان سلسلي۾ نواز شريف به ڪجهه اهڙائي اشآرا ڏنا آهن جن مان لڳي ٿو ته نواز شريف عام چونڊن جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ته پوءِ ڇا چونڊون وقت سر ٿي سگهنديون؟ وارو سوال پريشان ڪندڙ ضرور آهي، فرض ڪجي ته مسلم ليگ (ن) عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ٿي ته پوءِ ڇا ٻيون جماعتون  سندس ساٿ ڏينديون؟ يا مسلم ليگ (ن) جي بائيڪاٽ کانپوءِ جيڪي چونڊون ٿينديون انهن جي نتيجي کي عام حلقن پاران قبول ڪيو ويندو؟ يا اهي سوال به ويچار هيٺ آهن ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) ڪا تحريڪ هلائي ٿي ته  ڇا پنجاب جو عوام مسلم ن جو ساٿ ڏيندو؟ اسان جي راءِ آهي ته جيڪڏهن نواز شريف خلاف فيصلو اچي به صحيح تڏهن به مسلم  ليگ (ن) کي ڪنهن به صورت ۾ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ نه گهرجي ۽ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته مسلم ليگ (ن) کي اهي گهربل نتيجا ملي نه سگهن، جنهن جي  مسلم ليگ (ن) کي اميد آهي پر جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) بائيڪاٽ ڪيو ته پوءِ شايد اهو ئي ٿئي جيڪو نواز شريف سان اڳ به ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هو اقتدار ۾ هوندو هو ته ڪارڪن نعرا لڳائيندا هئا ته نواز شريف قدم بڙهائو هم تمهاري ساٿ هين ۽ پوءِ اهڙو وقت به آيو جو جلاوطني دوران هن مشرف دور ۾ پاڪستان اچڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هو جهاز ذريعي پاڪستان ۾  هوائي اڏي تي به پهچي به ويو هو پر مشرف حڪومت کيس ساڳئي جهاز ۾ واپس ملڪ بدر ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته سندس آمد تي هوائي اڏي تي سندس آجيان لاءِ هڪ به ماڻهو نه پهتو، هو ڪٿي ائين نه ٿئي ته مسلم ليگ (ن) ان بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ مورڳو ئي عوام جي دلين مان هميشه لاءِ ميسارجي وڃي.


July 16, 2018 at 1:38 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو