ملڪ ۾ غير يقيني حالتون ۽ عام چونڊون

ڏهڪاءُ، بي يقيني، الزام بازي، گرفتاريون، عدالتن پاران نوٽيس ۽ سوموٽو ڪارروايون، هڪ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جا جيل جي ڪوٺڙي طرف وڌندڙ قدم ۽ وزيراعظم جي ڪرسي لاءِ هلندڙ ڊوڙ ۾ شريڪ ٽن پارٽين جا اڳواڻ ۽ عوام پاران اميدوارن کان ٿيندڙ پڇاڻا اهو آهي سياسي منظر نامون جيڪو ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڪو دور هو  جو جيڪي منظر اڳ عام چونڊن جي موقعي تي سنڌ ۾ نظر ايندا هئا ۽ اهو پهريون ڀيرو آهي جو هاڻ پنجاب ۾ ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه تاريخ جو  جبر آهي يا حالتن ڦيرو کاڌو آهي جو 70 سالن تائين پنجاب جو عوام هر آمر حڪمران جي آمد تي تاڙيون وڄائيندو هو، اهو  اڄ هر اداري کي ذميوار قرار ڏيندو نظر اچي رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته اڳ ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کان وٺي وفاق بابت سڀئي فيصلا ۽ سازشون پنجاب ۾ تيار ٿينديون  هيون پر اڄ پنجاب پاڻ سان سازشون ٿيڻ واري واويلا ڪندو نظر اچي رهيو آهي. جيڪڏهن پنجاب جي نوڪر شاهي ٻين صوبن جي عوام سان ويساهه گهاتيون نه ڪري ها ۽ صوبن جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيئي ها يا پنجاب جا سياستدان پنجاب کي ئي پاڪستان سمجهڻ واري غلطي نه ڪن ها ته شايد صوبائيت جو مرض ڪڏهن به نه پکڙجي ها. اڄ پاڪستان کي آزاد ٿيئي 70 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي. 1970ع وارين چونڊن ۾ پاڪستان جو عوام قومي سوچ رکندڙ هو. ملڪ جي سياستدانن سڀني صوبن مان ووٽ حاصل ڪيا هئا پر پوءِ ڇا ٿيو پنجاب جيڪڏهن “ برابري” وارو ڪوڙو ڍونگ نه رچائي ها ۽ 1970ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ عوامي ليگ کي اڪثر يتي عوام جو فيصلي طور قبول ڪري شيخ مجيب الرحمان کي اقتدار جي منتقلي ۾ ديوار نه بڻجي ها ته اڄ پاڪستان وڌيڪ متحد هجي ها. پر افسوس آهي جو پنجاب جي نوڪر شاهي ۽ سياستدانن شيخ مجيب الرحمان کي  غدار قرار ڏيئي هن کي اقتدار منتقل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي،جنهن جو نتيجو اڳتي هلي اوڀر پاڪستان ۾ رتوڇاڻ ٿي ۽ پاڪستان جو اڀرندو حصو اسان کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو. 1970ع وارين چونڊن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ پهرين عام چونڊن طور شفاف چونڊون قرار ڏنو وڃي ٿو. بدقسمتي سان ان کانپوءِ جيڪي به  عام چونڊون ٿيون آهن تن کي سدائين شڪي نظرن سان ڏٺو ويندو رهيو آهي ۽ اڄ به ساڳئي صورتحال آهي هلندڙ مهيني جي 25 تاريخ تي عام چونڊون ٿيڻيون آهن پر ملڪ جي صورتحال اها آهي جنهن جو ذڪر اسان  مختصر لفظن ۾ مٿي ڪري چڪا آهيون. بهرحال جيئن جيئن ملڪ عام چونڊن واري تاريخ ڏانهن وڌندو پيو وڃي، تيئن تيئن حالتون ڳنڀير  ٿينديون پيون وڃن، انهن حالتن جي ڪري ان ڳالهه کي وڌيڪ هٿي ملي رهي آهي ته عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ جا نه رڳو بهانا ڳوليا پيا وڃن پر اهڙو ماحول به تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهن حالتن کي بنياد بڻائي عام چونڊون ملتوي ڪري سگهجن. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته عام چونڊن ۾ جن نتيجن جي سگهارن هٿن کي يقين هو، اهي نتيجا ملندا نظر نه اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته چونڊ مهم جي نتيجي ۾ ظاهري طرح 3 پارٽيون مٿي اڀري آيون آهن ۽ اها ڳالهه به واضح آهي ته ڪا به پارٽي ان پوزيشن ۾ نه هوندي جو اها اڪيلي سر چونڊون کٽي يا وفاق ۾ حڪومت ٺاهي سگهي، ان ڪري مخلوط حڪومت ٺهڻ جا وڌيڪ امڪان آهن. اها مخلوط حڪومت به انهن ٽن پارٽين يعني مسلم ليگ (ن) ، پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي مان ڪن به ٻن پارٽين جي ملڻ سان ئي ٺهي سگهندي. جنهن لاءِ امڪان ڏيکاريا پيا وڃن ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جا پاڻ ۾ گڏجڻ ۽ وفاقي حڪومت ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ جا امڪان وڌيڪ نظر اچن  ٿا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو پ پ ۽ ن ليگ مان ڪنهن هڪ سان اتحاد ناممڪن نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه حلقن  ان ڳالهه تي زور ڏيڻ شروع ڪيو آهي ته حالتن کي هٿ وٺي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن حالتون اهڙي اسٽيج تي پهچي وڃن جو انهن ٽنهي پارٽين مان ڪا هڪ پارٽي اليڪشن واري ڊوڙ کان ٻاهر نڪري وڃي ته جيئن ڪنهن هڪ پارٽي سان آزاد اميدوارن جي هڪ وڏي کيپ کي شامل ڪري وفاقي حڪومت ٺاهي ڇڏجي. ان ڊوڙ مان ڪهڙي پارٽي کي ٻاهر ڪڍيو ويندو، تنهن لاءِ گهڻو نالو مسلم ليگ (ن) جو ئي ورتو پيو وڃي. اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن واقعي ائين ئي ٿي رهيو آهي ته پوءِ ايندڙ عام چونڊون به نه رڳو تڪراري ٿي وينديون پر ايندڙ  حڪومت به شايد ئي پنهنجا 5 سال پورا ڪري سگهي، ان ڪري ضروري آهي ته عام چونڊن ۾ ڪنهن به ڌر يا اداري طرفان ڪا به مداخلت نه ٿيڻ گهرجي ۽ شفاف چونڊن لاءِ سڀني پارٽين کي هڪجيترا موقعا ملڻ گهرجن. تڏهن پ پ ڪارڪنن نعرا لڳايا هئا ته “ جاڳ سپاهي جاڳ تيري وردي نون لڳ گيا داغ”  بهرحال سياست ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا موڙ ضرور ايندا آهن جو اڳواڻن کي تڪڙا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن يا ڪڏهن انهن جا فيصلا انهن جي پنهنجي سوچ  ۽ پروگرام جي ابتڙ ئي سامهون ايندا آهن. نواز شريف جيڪو ماضي ۾ سگهار ادارن جو ساٿاري سمجهيو ويندو رهيو آهي اڄ اهو ادارن خلاف جهڙي ريت ڳالهائي رهيو آهي ان مان ته اهو ئي لڳي ٿو ته هاڻ اهو جذباتن کي قابو ۾ رکڻ ۾ ناڪام وڃي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هو ڪنهن به قسم جي ڪال ڏيئي سگهي ٿو يا ن ليگ جي قيادت ڪو به اٻهرو فيصلو ڪري سگهي ٿي، ان ڪري اسان ن ليگ جي قيادت کي اپيل ڪنداسين ته اها اڄوڪي لاهور واري استقبال کي پنهنجي ‘ انا’ جو جو مسئلو هرگز نه ٺاهي ۽ حالتن کي هٿن مان نه وڃڻ ڏي جيڪڏهن حالتون هٿن مان نڪري ويون ته پوءِ جمهوريت کي پٽڙي تي ٻيهر چاڙهڻ ڪنهن جي وس ۾ نه هوندو، اسان کي اميد آهي ته اڄوڪو ڏينهن لاهور ۾ خير سان گذري ويندو.


July 15, 2018 at 12:27 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو