اليڪشن مهم کي دهشتگردي کان بچايو

بلوچستان مان  ملندڙ تازين رپورٽن ۾ بي اي پي جي اڳواڻ، اڳوڻي وزيراعليٰ اسلم رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ سراج رئيساڻي  مستونگ ويجهو اليڪشن  مهم دوران خودڪش بمبار جي حملي ۾ پنهنجي 85 کان وڌيڪ ساٿين جي حياتي وڃائي ويٺو ۽ ان دهشتگرد حملي ۾ 150 کان وڌيڪ ڪارڪن سخت زخمي آهن ۽ اهڙو ئي حملو جي يو آءِ جي قافلي تي بنون ۾ اڪرم دراني جي اليڪشن مهم ۾ بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ اتفاق سان اڪرم دراني محفوظ رهيو پر سندس 5 ڪارڪن پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 20 کان وڌيڪ ڪارڪن ڳڻتي جوڳي حالتن ۾ اسپتال ڀيڙا آهن.

هنن واقعن کان اڳ ملڪ جي مختلف ايجنسين نگران حڪومت کي آگاهه ڪيو هو ته اليڪشن مهم دوران دهشتگردي جا واقعا ٿي سگهن ٿا ۽ ڪيترن ئي سياستدانن جي حياتين کي خطرا آهن. ان باوجود دهشتگرد  پنهنجي ڪاررواين ۾ ڪامياب ٿيو وڃن ۽ اليڪشن مهم کي رت هاڻو ڪري ڪيترن جون حياتيون کسيو وڃن. اهي حالتون ڪيترائي خدشا پيدا ڪري رهيون آهن، ڪجهه ماڻهن جا سوال آهن ته هي اليڪشن وقت سر ٿيندي به يا نه ؟ ان اليڪشن ۾ ڪيترن جون حياتيون نظر ٿينديون. هي اليڪشن ڪيترو شفافيت جو منظر پيش ڪندي. اهو ته وقت ئي ٻڌايندو  پر اسان پنهنجن ادارين ۾ سرڪار سڳوري کي گوش گذار ڪندا رهيا آهيون ته هر طرح سان اليڪشن جي شفافيت، اليڪشن کي پرامن رکڻ، دهشتگردن جي ڳچيءَ ۾ زنجير وجهڻ لاءِ ٺوس اپاءُ ورتا وڃن پر رياست آهي جو پنهنجي بيانن، ٺلهن حڪمن ، تحقيقاتي رپورٽن کان اڳتي وڌڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. جنهن ڪري دهشتگرد من مانيون ڪارروايون ڪرڻ جو  موقعو آساني سان مليو وڃي ۽ ڪي حلقا اهي به سوال اٿاري رهيا آهن ته هيءَ اليڪشن مهم کي روڪرائي اليڪشن کي ملتوي ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن اهڙو اظهار مختلف سياستدانن پڻ ڪيو آهي،اسان وري به حڪومتي ايوانن، رياستي ادارن کي گوش گذار ڪرڻ چاهيون ٿا ته ملڪ هن وقت جن حالتن مان گذري رهيو آهي ڪنهن به ريت چڱيون نٿيون چئي سگهجن. هنن حالتن ملڪ کي ڏڦير جي ڪناري سگهيو آهي. حالتون اهو رخ اختيار ڪري رهيون آهن جنهن مان ملڪ جي امن امان سميت رياست کي خود خطرا پيدا ٿيڻ جو انومان آهي.  ان کان اڳ جو ملڪ کي رت ۾ ريٽيندڙ قوتون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿين اسان کي سجاڳ ٿي هنن قوتن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي.


July 14, 2018 at 1:18 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو