ڇا نواز شريف ماضي مان سبق سکيو آهي؟

اڳوڻو  وزيراعظم  ميان نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم سان گڏ سڀاڻي پاڪستان پهچڻ لاءِ اڄ لنڊن کان اتحاد ايئر لائين ذريعي لاهور اچڻ لاءِ روانو ٿيندو. هوڏانهن پاڪستان ۾ سندس پهچڻ تي نيب انتظاميا به مڪمل تياريون ڪري ورتيون آهن ۽ جيئن ئي جهاز لاهور يا اسلام آباد جي هوائي اڏي تي لهندو ته کين نيب اختياريون گرفتار ڪري جيل ۾ پهچائينديون. في الحال ته اهو ئي ٻڌايو پيو وڃي ته مريم ۽ نواز کي اڊيالا جيل ۾ قيد ڪيو ويندو پر ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن کي مچ جيل بلوچستان منتقل ڪيو ويندو  ته جيئن مسلم ليگ (ن) جي احتجاجن کي منهن ڏيڻ ۾ آساني ٿيئي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهن ٻنهي کي اڊيالا جيل ۾ رکيو ويو ته پوءِ اهو ڏينهن خالي نه هوندو جنهن ڏينهن ليگي ڪارڪن اڊيالا جيل آڏو احتجاج ڪندا نظر نه ايندا. نواز شريف پاڪستان اسهڻ کان اڳ ڪالهه لنڊن ۾ هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪيو ان گڏجاڻي کي ورڪرز ڪنوينشن، پريس ڪانفرنس ۽ پاڪستانين کي خطاب قرار ڏنو ويو جنهن ۾ هن پنهنجي ايندڙ حڪمت عملي  کان واقف ڪرڻ لاءِ تفصيلي خطاب ڪيو، هن ڪارڪنن کي چيو ته اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي لاءِ پنهنجو ووٽ نه رڳو  استعمال ڪريو پر مخالفن کي ڏيکاري ڇڏيو ته توهان ووٽ کي عزت ڏيڻ جا حامي آهيو. نواز شريف پنهنجي خطاب ۾ جيڪو ڪجهه ڳالهايو اهو سڄو لکيل هو يعني هن جيڪا تقرير ڪئي تنهن جو هڪ هڪ لفظ ڪيترائي ڀيرا سوچي سمجهي پوءِ لکيو ويو هوندو نه رڳو اهو پر ان تقرير جي پاڪستان ۾ موجود قيادت کان به راءِ ورتي وئي هوندي. ائين  کڻي چئجي ته نواز شريف جي ڪيل اها تقرير مسلم ليگ (ن) جو گڏيل اعلان نامو هئي. نواز شريف جيڪو ماضيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺو هو تنهن پنهنجي تقرير ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن مان اڪثريت اهڙين ڳالهين ۽ واقعن جي هئي جنهن جو  اهو پاڻ به  ذميوار رهيو آهي. عوام کي اڃا اهي ڳالهيون وسريون ناهن ته کيس جنرل ضياءَ الحق ڪهڙي نموني اقتدار جي راهه دارين ۾ شامل ڪيو هو ۽ ڪهڙي ريت اسٽيبلشمينٽ کيس اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائيندي هئي ۽ ڪهڙي ريت عوام پاران ڏنل ووٽن جي هن جي پارٽي پاران تذليل ڪئي ويندي هئي. اڄ جيتوڻيڪ  نواز شريف ”ووٽ کي عزت ڏيو“ وارو نعرو هڻي ميدان تي لٿو آهي پر جيڪڏهن ماضيءَ ۾ اهو پاڻ ووٽ کي بي عزتو ڪرڻ وارين ڪاررواين جو حصو نه بڻجي ها ته اڄ پاڪستان ۾ ووٽ جي تذليل ڪرڻ جي ڪنهن  ۾ به همت نه ٿئي ها. نواز شريف جو چوڻ  هو ته پاڪستان ۾ رياست اندر رياست هلي رهي آهي اقتدار ظاهري طرح ڏنو وڃي ٿو پر اختيار نه ٿو ڏنو وڃي. اهڙي ريت فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌ تي ڪيا وڃن ٿا. سندس تقرير مان اهو ئي تاثر سماهون آيو  ته وزيراعظم نه رڳو ڪپڙي جا گڏا هوندا آهن جڏهن ته اقتدار جا واڳ ڌڻي اقتدار ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا اهن. جڏهن ته جواب وري وزيراعظمن کي ئي ڏيڻو پئي ٿو. هن پهريون ڀيرو اها ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن ملڪ کي ائين هلائڻو آهي ته پوءِ پاڪستان جي آئين جي ڪهڙي ضرورت آهي ان کي ڦاڙي ڦٽو ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ يا اسيمبلين جي ڪهڙي ضرورت آهي يا اليڪشنون ڪرائڻ وارو ڊرامو ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ جيتوڻيڪ ڪنهن اداري جو نالو ته نه ورتو پر اها ڳالهه واضح نظر آئي آهي  ته  هن عدالتن جي ججن ۽ فوج جي جنرلن کي ان سڄي صورتحال جو ذميوار قرار ڏنو آهي. اسان سمجهون ٿا ته جڏهن فوج مڪمل طرح پاڻ کي اڻ ڌريو رکيو آهي ۽ ا هڙو ڪو به واقعو سامهون نه آيو آهي جنهن مان اهو چئي سگهجي ته فوج عام چوندن ۾ ڪا مداخلت ڪري رهي آهي ته پوءِ فوج کي ملوث ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي.  نواز شريف سان ڪنهن جو به ذاتي تڪرار هر گز ناهي هن سان سياسي اختلاف رکي سگهجن ٿا ۽ انهن سياسي اختلافن جي ڪري هن سان ويڇا وڌائي سگهجن ٿا پر ڪنهن به دشمني بابت سوچڻ ڪريل حرڪت ئي سمجهي ويندي. نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ جيڪو ڪجهه بيان ڪيو آهي ان جو کيس سزا پوري ٿيڻ تائين شايد موقعو نه ملي سگهي پر جيڪڏهن نواز شريف جيڪو ڪجهه پنهنجي تقرير ۾ بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن اها تقرير هن جي پنهنجي لکيل هئي ۽ ان تقرير سان هو مڪمل طور تي پاڻ به ٻڌل آهي ته پوءِ اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته نواز شريف به هاڻ سمجهي ورتو آهي ته هي ملڪ قانون جي بالادستي سان ئي هلي سگهندو ان کان سواءِ ٻيا جيڪي به مفروضا  آهن يا جيڪي به نوان تجربا ڪرڻ گهرن ٿا اهي ملڪ جي قسمت سان کيڏڻ گهرن ٿا ان ڪري هاڻ هر سياستدان کي آئين ۽ قانون جي دائرن ۾ رهي پنهنجي سياست ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته سڀئي ادارا پارليامينٽ جي ماتحت آهن ۽ جيڪو به ادارو آئين تحت طئي ٿيل دائرن مان ٻاهر نڪري ٿو اهو پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪري نه ٿو سگهجي.


July 13, 2018 at 12:58 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو