ڇا عمران خان چونڊ منشور تي پورو لهي سگهندو؟

جيتوڻيڪ ملڪ ۾ سياسي گرمي جو پد آهستي آهستي وڌندو محسوس ٿي رهيو آهي ۽ اهم سياسي اڳواڻن پاران هڪٻئي خلاف سخت جملن جي وڏي وٺ به هلندڙ آهي، ان هوندي به چڱي ڳالهه اها آهي ته ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين پنهنجا منشور به ڏيڻ شروع ڪيا آهن، اهي منشور اهڙا دستاويز آهن جيڪي 2023ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي موقعي تي عوام جي هٿن ۾ هوندا ۽ اهي سياستدانن کان پڇاڻو ڪري رهيا هوندا ته توهان پنهنجي ڏنل منشور تي ڪيترو عمل ڪيو ۽ جيڪڏهن اوهان پنهنجي منشور تي عمل نه ڪيو ته هاڻ ڪهڙي منهن سان ٻيهر ووٽ وٺڻ آيا آهيو، هن وقت به عوام اميدوارن کان پڇاڻو ڪندو نظر اچي رهيو آهي  ۽ کين سندن واعدا به ياد ڏياري رهيو آهي  پر جيئن ته اهي واعدا ڪنهن منشور تحت ڪيل نه هئا، تنهن ڪري پڇاڻو ٿيندڙ سياستدان اهو چئي پنهنجي جان ڇڏائي رهيا آهن ته پڇاڻو ڪندڙ سندن پارٽي جا ڪارڪن نه پر مخالف اميدوار پاران بڇيل ماڻهو آهن ته جيئن سندس ساک کي متاثر ڪري سگهجي. اسان جي خيال۾ ٿي سگهي ٿو ڪجهه واقعن ۾ اميدوار جا مخالف اهڙي قسم جي حرڪت به ڪرائيندا هجن، ان هوندي به ان ڳالهه کي يڪسر رد ڪري نه ٿو سگهجي ته اهي سڀ ڪجهه مخالف اميدوارن پاران بڇيل ماڻهن پاران  هڪ رٿابندي تحت ڪرايو پيو وڃي. اسان مختلف سياسي پارٽين پاران پيش ڪيل منشور تي هنن ئي ڪالمن ۾ بحث ڪندا رهندا آهيون ۽ عوام کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته ڪنهن سياسي اڳواڻ پاران پيش ڪيل منشور ۾ڪهڙيون ڳالهيون چڱيون ۽ ڪهڙيون ڳالهيون هوائي آهن. مثال طور ڪالهه تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان عام چونڊن لاءِ پارٽي منشور جو اعلان ڪيو اهو منشور هو اڳ به پيش ڪري چڪو آهي ۽ ان ۾ ڪا نئين ڳالهه شامل ناهي ان هوندي به اسان سندس پاران ٻيهر پيش ڪيل ان منشور جي ڪجهه اهم نڪتن کي هتي بيان ڪنداسين. مثال طور عمران خان دعوا ڪئي آهي ته هر سال هڪ لک گهر تعمير ڪرايا ويندا ۽ پنجن سالن ۾ 5 لک گهر تعمير ڪري  عوام ۾ ورهايا ويندا. اهڙي ريت هڪ ڪروڙ نوڪريون پيدا ڪيون وينديون ڪراچي ۾ اهم تبديليون آڻينداسين. اسان جهڙي ريت ڪي پي ڪي ۾ غير سياسي پوليس جو ماڊل ٺاهيو ان کي ٻين صوبن ۾ به متعارف ڪرائينداسين. هن دعوا ڪئي ته اسان ڪي پي ڪي ۾ پنجن سالن دوران اسپتالن ۾ 5 هزار بسترن جو اضافو تعليم لاءِ 20 سيڪڙو بجيٽ فراهم ڪئي هڪ ارب وڻ لڳايا، اهليت جي بنياد تي 57 هزار استاد ڀرتي ڪيا 10 هزار اسڪول، 47 ڪاليج ۽ 10 يونيورسٽيون قائم ڪيون. عمران خان پاران ڪي پي ڪي ۾ هڪ ارب وڻ لڳائڻ واري ڳالهه کي اڄ به شڪي نظر سان ڏٺو پيو وڃي، جيڪڏهن هن اهي وڻ لڳايا هجن ها ته هليتائين عمران خان جو نالو ”گنيز بڪ آف رڪارڊ“ ۾ شامل ٿي چڪو هجي ها پر اهڙي ڪا به صورت اڃا تائين نظر نه آئي آهي.  جيستائين سنڌ ۾ ويهي ڪي پي پوليس جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ سان آهي، اهو ته صفا آسان آهي. عوام پاڻ ئي فيصلو ڪري سگهي ٿو ته ڪي پي ڪي پوليس ڪيتري ”امين ۽ صادقق“ بڻجي وئي آهي. مثال طور ڪي پي ڪي ۾ عمران خان جي پارٽي جي  حڪومت اچڻ کان اڳ تائين سنڌ ۾ هيروئين ۽ منشيات ڪٿان ايندي هئي، هٿيارن جي سپلائي ڪٿان ڪئي ويندي هئي، خرڪار ڪيمپون ڪٿي هيون ۽ جرڳن ذريعي فيصلا ڪٿي ٿيندا هئا، سنڌ مان جيڪي گاڏيون  ڦربيون هيون اهي ڪهڙي صوبي  ۾ وڪرو ٿينديون هيون. وغيره وغيره هاڻ پڙهندڙ پاڻ جواب ڏين ته ڇا  هاڻي سنڌ ۾ ايندڙ هيروئين چرس ۽ٻي منشيات اچڻ بند ٿي وئي آهي؟ ڇا هٿيارن  جا واپاري هاڻ پنهنجو ڌنڌو ڇڏي مسجدن ۾ وڃي ويهي رهيا آهن؟ ڇا پوليس ڪي پي ڪي ۾ جرڳن کي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ هر ڏوهاري کي پوليس گرفتار ڪري عدالتن ۾پيش ڪري ٿي. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي پوليس صادق ۽ امين بڻجي چڪي هجي ها ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن به صورت ۾ جاري نه هجي ها يعني سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن هلي رهيو آهي  پر ‘ اک بچائي’ ڪيو پيو وڃي. اسان عمران خان جي ان دعوا کي به شڪي نظر سان ڏسون ٿا ته اسان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏينداسين اڪثر حلقن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ نوجوان بيروزگار ئي نه هوندا پر جيڪڏهن هو ڪجهه کي نوڪريون ڏيئي  سگهيون ته اهو به وڏو ڪمال هوندو. جڏهن ته اهو سوال اڃا به جواب جو گهر جائو آهي ته آخر اهي ڪهڙا کاتا آهن جن ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون، سڄي دنيا ۾ اهڙو ڪو به ملڪ ناهي جنهن ۾ ايڏي وڏي پيماني تي نوڪريون ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي اهڙي ڪنهن دعوا به نه ڪئي آهي. ساڳئي طرح  عمران خا 5 لک گهر تعمير ڪرڻ واري دعوا ڪئي آهي. اسان وٽ هر حڪومت گهر تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪندي رهي آهي ذوالفقار  علي ڀٽي پيپلز هوم، ضياءُ الحق زڪوات گهر محمد خان جوڻيجو جوڻيجو ڪالونيون ٺهرايون، جڏهن ته نواز شريف پنجاب ۾ بهارين لاءِ ڪالونيون ٺهرايون هيون. انهن سڀني ڪوارٽرن جو ڪهڙو حشر آهي ۽ انهن تي ڪير قابض آهن ۽ اهي حقدارن کي ملبا يا نه اهو سوال اڄ به هر ماڻهو هڪٻئي کان ڪري ٿو. عمران خان جيڪڏهن 5 لک گهر ٺهرائيندو  ته پوءِ انهن جو معيار ڇا هوندو، اهي ڪنهن کي ۽ ڪيئن الاٽ ٿيندا. اهي مفت ۾ يا ڏوڪڙن تي ڏنا ويندا وارا سوال عمران خان لاءِ مٿي جو سور ئي بڻجندا. اسان جي صلاح اها آهي ته سياسي پارٽين کي پنهنجي منشور ۾ اهڙيون ڳالهيون شامل ڪرڻ گهرجن، جيڪي قابل عمل هجن ۽ عوام کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي باقي وڏيون وڏيون دعوائون ڪري عوام کان تاڙيون وڄرائي سگهن ٿيون، پر جيڪڏهن ڪيل اعلانن ۽ دعوائن کي عملي شڪل نه  ڏيئي سگهيا ته پوءِ 2023ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عوام جي هٿن ۾ منشور جون ڪاپيون هونديون ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسيمبلي ميمبر لڪڻ ۾ پورا هجن.


July 11, 2018 at 12:20 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو