عظيم ڏاهو رسول بخش پليجو…!!

نعيم ملڪ

ڪي ڪي ماڻهو اهڙا ته املهه ماڻڪ هوندا آهن جيڪي تاريخ ۾ اهڙا روشن مينار هوندا آهن جنهن جي روشني ۾ وقت جا دانشور پنهنجا پيچرا ٺاهيندا آهن، جن تي ڌرتي ناز ڪندي آهي، جن تي عوام فخر ڪندو آهي. انهن تاريخ ساز شخصيتن مان عظيم ڏاهو رسول بخش پليجو به آهي، جيڪو اڄ اسان وٽ ناهي رهيو،  رسول بخش پليجو تمام رخي شخصيت هئي، هو هڪ ئي وقت سٺو ڪهاڻيڪار، زبردست نقاد، نثرنگار، نثري نظم جو شاعر، سپريم ڪورٽ جو وڏو وڪيل، زبردست مقرر، اديب، بي مثال سياستدان، تاريخ جو ڄاڻو، سماجي پرک رکندڙ، حال تي مستقبل بابت پيشنگويون ڪندڙ، سماجي سائنس جو ڄاڻو، عورتن جي حقن جو علمبردار، قومپرست، جدلياتي علمن جو ڄاڻو سميت رسول بخش پليجو کي گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا سان گڏ کيس انيڪ حوالن سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪنهن پئي ڄاتو ته جنگشاهي ويجهو ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ منگر خان ۾ تاريخ 20 جنوري 1930ع تي علي محمد پليجي جي گهر مان نڪتل هيءَ شمع سج جي روشني بڻجي آڪاش تي اهڙو نروار ٿيندو جو سڄي دنيا سندس علم، عقل، ادب، ڏاهپ ۽ تاريخ شناسي جا متعرف ٿيندي، رسول بخش پليجي قرآن شريف جي تعليم مقامي مدرسي مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ کيس ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان هن جي علم جي اڃ اجهامي نه سگهي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ هن کي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ٻين استادن سان گڏ محمد ابراهيم جويو، هن جو استاد هو، پليجو صاحب محمد ابراهيم جويو کان گهڻو متاثر هو، 1946ع ۾ محمد ابراهيم جويو سيو سنڌ، سيو ڪانٽينينٽ (سنڌ بچايو کنڊ بچايو) شايع ڪرايو ته سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ تڏ هوڪي تعليم جي وزير جڏهن محمد ابراهيم جويو جي سنڌ مدرسته الاسلام مان نوڪري ختم ڪئي ته رسول بخش پليجو پنهنجي محترم استاد ابراهيم جويو جي ويجهي ٿي ويو، استاد شاگرد وارو اهو رشتو پوءِ دوستي ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو محمد ابراهيم جويو جي وصال تائين جاري رهيو، هيڻائپ ۽ طبيعت جي ناسازي سبب به رسول بخش پليجو سڀ کان پهريان ابراهيم جويو جي تڏي تي پهتو ۽ سندس ڪفن دفن ۾ شامل رهيو. رسول بخش پليجو بهتر انگريزي دان هو، هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انگريزي ۾ وڏو عرصو مترجم طور ڪم ڪندو رهيو، هڪ ڀيري ناليوارو وڪيل ۽ شاعر شيخ اياز هن وٽ ڪجهه ڪيس ترجمو ڪرائڻ لاءِ کڻي آيو، شيخ اياز رسول بخش پليجي کان ايترو متاثر ٿيو جو پوءِ ٻئي ڄڻا جنم جنم جا ڄڻ ساٿي بڻجي ويا ۽ هر ادبي، سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ گڏ گڏ رهيا. بعد ۾ رسول بخش پليجي سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي ڪري وڪيل ٿي ويو ۽ وڪالت جي شعبي ۾ اهڙو مشهور وڪيل ٿي ويو جو سندس مخالف به سندس دليل ٻڌي دنگ رهجي ويندا هئا. ادب سان چاهه سبب هي سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي جي صحبت ۾ اچي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. هو تمام سٺو ڪهاڻيڪار هو، هن جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پسي ڳاڙهاڳل“ شايع ٿيو. رسول بخش پليجو جو هڪ پاسو صحافت به هو، هن 1970ع ۾ ”تحريڪ“ رسالو جاري ڪيو جنهن جا ايڊيٽر قاسم پٿر ۽ عالم شاهه هئا، جيتوڻيڪ اهو رسالو هميشه سرڪاري عتاب هيٺ رهيو جتي روج رهاڻ ۽ ٻيا رسالا بند ٿي ويا ۽ هي رسالو بندشن کي منهن ڏيڻ باوجود جاري رهيو. سنڌي ادب ۾ هميشه کان وڏو خال تنقيدي ادب جو رهيو آهي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ۽ خليل کانپوءِ سنڌي ادب ۾ وڏو ادبي نقاد رسول بخش پليجو رهيو، هن تنقيدي ادب کي ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۽ ”سندي ذات هجن“ جهڙا تنقيد جا ڪتاب ڏنا. 1994ع ۾ منهنجي حيدرآباد ۾ ڪرايل هڪ پروگرام ”استاد بخاري جي سالگرهه“ ۾ رسول بخش پليجو خاص مهمان هو، جڏهن ته صدارت حاڪم علي شاهه ڪئي هئي، جنهن ۾ هن استاد بخاري ۽ ويهين صدي جي ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ لاڳيتو سوين شعر بر زبان پڙهندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين ته استاد بخاري ئي ويهين صدي جو وڏو شاعر آهي، جيتوڻيڪ ان بعد مٿس تنقيد به ٿي پر هن جي دليلن اڳيان ڪير به بيهي نه سگهيو. هن ادبي تنقيد تحت سائين جي ايم سيد جي ٻن ڪتابن ”پيغام لطيف“ ۽ ”جيئن ڏٺو مون“ جيتوڻيڪ ادب ۾ سائين جي ايم سيد جا شاهڪار ڪتاب مڃيا وڃن ٿا، انهن تي به هن مثبت ادبي تنقيد ڪري تنقيدي ادب ۾ پاڻ ملهايو هو، تنقيدي ادب دراصل ڪنهن عالم جي ادبي اڏام کي پرکڻ جو هڪ ذريعو هوندو آهي. رسول بخش پليجو کي سنڌ گهڻو اڳ سڃاڻي چڪي هئي پر سندس اصل سڃاڻپ 4 مارچ جي شاگردن جي مالڪي ۽ همت افزائي ڪرڻ هئي. هي سنڌ جي عوام جي دلين ۾ تڏهن گهر ڪري ويو هو جڏهن پاڻ ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏجي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتو، هن گهر گهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي ون يونٽ جي نقصانن بابت سنڌ جي عوام کي آگاهي ڏني، غلام محمد بئراج ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏيڻ تي به هن سنڌ جي هر پليٽ فارم تان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، توڙي جو سندس تحريڪ ۾ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد، قاضي فيض محمد سميت سنڌ جا ڪيترائي اديب سندس حمايت ۾ اٿي بيٺا، جنهن ڪري ون يونٽ جو خاتمو پهرين جولاءِ 1970ع تي آيو، 1968ع ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد ”نر ۾ صوفياءِ سنڌ“ قائم ڪئي ته سائين جي ايم سيد ان جو صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري هئا. انهيءَ تنظيم جو بنيادي مقصد سنڌي قوم جو جديد تصور پيش ڪرڻو هو، جيتوڻيڪ ان دور ۾ سائين جي ايم سيد سياست کان ڪناره ڪشي جو اعلان ڪري چڪو هو ۽ سياسي پارٽين کي به ايوبي آمريت ۾ هلڻ نه پئي ڏنو ويو، سنڌي عوام کي سياسي شعور ڏيڻ واري ان مهم شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو سندن ٻانهن ٻيلي ۽ مددگار هئا. رسول پليجو ۽ سائين جي ايم سيد ڪيترن محاذن تي گڏ رهيا، 1969ع ۾ رسول بخش پليجي ۽ سائين جي ايم سيد گڏجي ”سنڌ متحده محاذ“ جو بنياد وڌو، جنهن جو بنيادي مقصد ون يونٽ خلاف تحريڪ کي زور وٺرائڻ هو، ان مقصد جي حاصلات لاءِ هالا ڪنوينشن ۾ شيخ مجيب الرحمان کي به گهرايو ويو، ان وقت سنڌ جي ماڻهن جي اينٽي ون يونٽ ۾ ڀرپور حصي ۽ عوامي نظرن ۾ ڪرڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ون يونٽ جي ٻن حمايتي سياستدانن پير علي محمد راشدي ۽ ايوب کهڙو به اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا، جنهن تي رسول بخش پليجو چيو هو ته ايوب کهڙو ۽ علي محمد راشدي سنڌ دشمن ڪردار آهن، انهن کي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي ۽ تحريڪ لاءِ نوجوانن ۽ نون ماڻهن کي اڳتي آڻڻ گهرجي، جڏهن ته سائين جي ايم سيد ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي کي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ تي بضد هو ته انهي سان اينٽي ون يونٽ تحريڪ سگهاري ٿيندي، انهن اختلافن سبب رسول بخش پليجو ۽ سائين جي ايم سيد سياسي طور الڳ ٿي ويا ۽ ڪجهه عرصي بعد 1970ع ۾ رسول بخش پليجي هڪ نئين سياسي پارٽي ”عوامي تحريڪ“ جو بنياد حيدرآباد ۾ وڌائين جنهن جو پهريون صدر چاچا حفيظ قريشي ۽ پهريون جنرل سيڪريٽري حفيظ قريشي هئا. جڏهن ته سندن ٻيا ساٿي فاضل راهو، رشيد ڀٽي، قاسم پٿر، شير خان لنڊ، قاضي غفار، سيد عالم شاهه، محمد خان مگسي، يوسف ڪيڙانو ۽ ٻيا هئا. 1970ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي کانپوءِ يحى خان اليڪشن جو اعلان ڪيو ته اوڀر پاڪستان ۾ بنگالين ووٽر لسٽ ۾ بنگالي ٻولي ۾ لکڻ لاءِ مظاهرا ڪرڻ شروع ڪيا ته سنڌ ۾ ووٽر لسٽون سنڌي ٻولي ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا. انهي ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته رسول بخش پليجو حقيقي قومپرست هو، هو سنڌ تي آيل ڪنهن به ڏکي وقت سنڌ جي عوام سان گڏ رهيو پوءِ اها سنڌ مان بدامني جي خاتمي لاءِ هجي، ڪالا باغ ڊيم جي خاتمي، ٿل ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال لاءِ هجي يا سنڌ مان خانگي جيلن جي خاتمي، بانڊيڊ ليبر، سنڌ مان غير قانوني طور سرڪاري زمينن جي نيلامي هاري ڪانفرنسون ڪوٺائي هارين جي حقن لاءِ علم بلند ڪيو، هي عورتن جي حقن ۾ وڌيڪ آواز بلند ڪرڻ وارن ماڻهن مان هو، ان ڪري هن پنهنجي سياسي پليٽ فارم تان سنڌياڻي تحريڪ جي نالي تي هڪ ذيلي تنظيم قائم ڪري عورتن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايو، هن جو چوڻ هو ته عورتن کي مرد جي ڀيٽ ۾ برابري جا حق ڏيئي صنفي متڀيد ختم ڪئي وڃي، عورتن کي ڪمزور سمجهي انهن سان ظلم بند ڪيو وڃي، هن جو چوڻ هو ته عورتن کي شرعي ۽ قانوني طور پسند جي پرڻي جو حق حاصل آهي ته پوءِ ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم ڇو؟.هن جو اهو به چوڻ هو ته حڪومتن ۾ ۽ بيوروڪريسي ۾ عورتن کي اڳيان آندو وڃي ته بدامني ۽ ڪرپشن جو خاتمو اچي ويندو، هن 1986ع ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وڌو، جنهن جي پهرين صدر شهناز راهوجو هئي. رسول بخش پليجو فڪري طور ڪارل مارڪس ۽ مائوزي تنگ جو حامي هو، ان ڪري هن جي سياست ۽ سوچ جو مهور کاٻي ڌر جو رهيو، هي انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي مذهب ۽ سياست کي ٻن ڌار ڌار رخن ۾ ڏسن ٿا، هو انتهاپسندي جو هميشه کان ازلي دشمن رهيو آهي، هن هميشه امن، پيار ۽ حق جي ڳالهه ڪئي هئي. هن جو سڀ کان وڏو مخالف اهو سچ آهي جيڪو هن هر فورم ۽ هر وقت تي چيو هو، ان ڪري هو مصالحت پسندن جي اک ۾ ڪنڊي جيان رهيو هو. 1988ع ۾ سائين جي ايم سيد،، ”سنڌ قومي اتحاد“ جوڙيو، جنهن جي بنياد تي 1988ع ۾ چونڊون به وڙهيون هيون، تڏهن رسول بخش پليجو به سنڌ قومي اتحادجو حصو هو پر سچ ڳالهائڻ جي ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ انهي کان ڌار ٿي ويو. کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هئڻ ڪري هن پنهنجي ڪارڪنن ۾ پڻ اها سوچ پيدا ڪئي ۽ پنهنجي ڪارڪنن ۾ اسٽڊي سرڪل کي اهڙو مضبوط ڪيو جو سندس سياسي ڪارڪن، توڙي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اهڙا پڙهيل لکيل ۽ ڀڙ هوندا هئا جو وڏن وڏن علم جي اڪابرن ۽ ڏاهن سان به بحث کان نه ڪيٻائيندا هئا. هن پنهنجي سياسي پارٽي جي پليٽ فارم تان هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ هاري تحريڪ جو 1974ع ۾ بنياد وڌو، جنهن جو پهريون صدر شير خان لنڊ هو، هن 1977ع ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ (ايس ايس ٽي) 1978ع ۾ سنڌي مزدور تحريڪ، 1978ع ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ، 1988ع ۾ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ ۽ 2003ع ۾ هندو سجاڳ تحريڪ جو بنياد وجهي زندگي جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ سياسي اتهاس پيدا ڪرڻ لاءِ شعور پيدا ڪيو. رسول بخش پليجو 1974ع ڌاري عوامي نيشنل پارٽي ۾ شامل ٿيو، جنهن جو صدر شيرباز خان مزاري ۽ جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجو هو. 1978ع ۾ هن نوابزاده نصر الله خان، عابد حسين منٽو ۽ ملڪ قاسم سان گڏجي ”پاڪستان عوامي جمهوري اتحاد“ قائم ڪيو، جيڪو هڪ سال هليو ۽ پوءِ انهي کان ڌار ٿي ويو، 1979ع ۾ پروفيسر عزيز احمد، امتياز عالم ۽ ميجر (ر) اسحاق سان گڏجي ”پاڪستان عوامي تحريڪ“ نالي پارٽي قائم ڪيائين. رسول پليجو صاحب اينٽي ون يونٽ تحريڪ کان پوءِ ٻيو اهم ۽ ڳڻائڻ وارو ڪم جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت آڻڻ واري ايم آر ڊي جي هلچل جيڪا 1983ع ۾ شروع ٿي ۽ اها هلچل 1986ع تائين جاري رهي، هو ايم آر ڊي جو ڪنوينر هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ بيگم نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو، عبدالولي خان، نوابزاده نصر الله خان، معراج محمد خان ۽ ٻيا شامل هئا، ايم آر ڊي جي راولپنڊي جي جلسي ۾ رسول بخش پليجي صوبائي خودمختياري واري اهم قرارداد پاس ڪرائي، جنهن تي پيپلز پارٽي 2008ع وارين چونڊن کانپوءِ جزوي طور عملدرآمد ڪرايو. سائين جي ايم سيد کانپوءِ سياستدانن مان واحد رسول بخش پليجو آهي جنهن جان 15 ڪتاب، سوين ڪالم ۽ مقالا شايع ٿيل آهن، جن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو (1) انڌا اونڌا ويڄ، (2) صبح ٿيندو، (3) ڌراڙن جا ڌڪ، (4) جن جهو ناڳڙهه جلايو، (5) سنڌي ذات هنجن، (6) پسي ڳاڙهاڳل، (7) ويهڻ مون نه وڙاءُ، (8) اوهان جي پڄاڻان، (9) ڪوٽ لکپت جو قيدي، (10) وڳ ڪيئن وسرياءَ (11) سياسي ادب جلد پهريون، (12) سياسي ادب جلد ٻيو ، (13) سياسي ادب جلد ٽيون، (14) جيڪي بنگال سان ٿيو، (15) هرڻ هنيلا بيٺا سو چن وغيره آهن. سندس اولاد مان اياز لطيف پليجو به نقش قدم تي هلي رهيو آهي، هو شعلا بيان مقرر، سٺو وڪيل، ڀلوڙ سياستدان ۽ پنجن ڪتابن جو خالق آهي، جنهن ۾ (1) ٽي مسافر ٽي شهر (2) سارون، سپنا آزادي، (3) دنيا پنهنجي ديس پرايا، (4) باک جي ساک، (5) قانون سڀني لاءِ. اڄڪلهه هو سنڌ ۾ سياسي اتحاد گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جو سيڪريٽري جنرل آهي، 2013ع ۾ سنڌ نيشنل الائينس جو ڪنوينر هو، سندس ڀاءُ غلام قادر پليجو سياستدان، صحافي ۽ ٺيڪيدار آهي، جڏهن ته سندس ڀائٽي ۽ زرينه بلوچ جي ڌيءَ اختر بلوچ ڪتاب ”قيدياڻي جي ڊائري“ جي خالق اختر بلوچ جي نياڻي سسئي پليجو ٻه ڀيرا ايم پي اي چونڊي وئي هاڻي سينيٽر آهي. سياسي طور پاڻ ملهائي رهي آهي، رسول بخش پليجو جي ذهانت سنڌ مان نڪري پاڪستان ۽ عالمي سطح تي مڃي وئي، 2013ع ۾ نواز شريف سندس نالو نگران وزيراعظم لاءِ چونڊيو هو پر سياستدانن طرفان هڪ پيج تي نه هئڻ ڪري اليڪشن ڪميشن پنهنجو الڳ فيصلو ڪيو. هن جي ڏاهپ کي مدنظر رکندي عالمي يونيورسٽين هن کان ڪيترائي ليڪچر ڪرايا، جن ۾ اسيڪس يونيورسٽي انگلينڊ، جواهر لال نهرو يونيورسٽي دهلي، شڪاگو يونيورسٽي آمريڪا، ڪنگسٽن يونيورسٽي سميت ٻيون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن. هن پنج شاديون ڪيون هيون، جن مان ٽي گهرواريون وڏيون ناليواريون عورتون آهن، جن مان جيجي زرينه بلوچ، استاد، قومي ۽ لوڪ گلوڪاره ۽ ڪهاڻيڪار آهي، زاهده شيخ سياستدان، پروفيسر ۽ ڪهاڻيڪار ۽ نسيم ٿيٻو آهن.رسول بخش پليجو هڪ محب وطن شخص سان گڏ عوام دوست ۽ سنڌ دوست ماڻهو هو، هو عوام سان هر هنڌ ۽ هر مورچي تي گڏ بيٺل هوندو هو، پوءِ اهو سنڌي عوام جو اتحاد هجي، سنڌ پاڻي ڪميٽي اتحاد هجي، گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي هجي، پاڪستان ڪسان رابطا ڪائونسل هجي، ايشيا پيسفڪ فورم هجي يا عدليه بحالي تحريڪ هجي ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو هو. هن چار ڀيرا مختلف اشوز تي لانگ مارچ ڪيا (1) 1992ع ۾ سکر کان ڪراچي تائين، (2) 2001ع ۾ ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين، (3) 2005ع ۾ سکر کان ڪراچي تائين، (4) 2009ع ۾ ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ آهي. اسان ۾ ڪير به اهو فيصلو ڪرڻ کان قاصر آهي ته هو وڏو اديب هو يا سياستدان هو وڏو سماجي اڳواڻ هو يا وڪيل هو لطيف جو پارکو هو شاعر شناس هو بلند پايه نقاد هو يا قومپرست اڳواڻ هو.


June 8, 2018 at 2:02 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو