لطيف ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ جي محفل، سوين ماڻهو شريڪ

مٽياري(رپورٽ: ذوالفقار علي ميمڻ) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 274 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن جي تقريبن جو سلسلو جاري آهي، سالياني تقريب لطيف ادبي ڪانفرنس ايڇ ٽي سورلي هال ۾ ڪوٺائي وئي. ادبي ڪانفرنس جي شروعات شاهه سائين جي “وائي” سان ڪئي ويئي، ناليواري فنڪار برڪت فقير “وائي” پيش ڪئي، سالياني ادبي ڪانفرنس جي صدارت ناليوارو محقق ۽ دانشور جامي چانڊيو ڪئي، تاج جويو ماڊريٽر جا فرض سرانجام ڏنا. رحمان گل پالاري، زيب النساءِ زيدي، سحر گل ڀٽي، پروفيسر ڪي ايس ناڪپال ۽ ٻين محققن حضرت شاهه لطيف جي فن ۽ پيغام تي تحقيقي مقالا پيش ڪيا، اسلام آباد کان نامور دانشور ڪشور ناهيد، بهاولپور کان علمدار بخاري، بلوچستان کان محمد پناهه بلوچ ادبي ڪانفرنس ۾ آفاقي پيغام تي تحقيقي مقالا پيش ڪيا. ان موقعي تي اسلام آباد کان نامور دانشور ڪشور ناهيد، بهاولپور کان علمدار بخاري، بلوچستان کان محمد پناهه بلوچ به ادبي ڪانفرنس ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري ۽ آفاقي پيغام تي تحقيقي مقالا پيش ڪندا ادبي ڪانفرنس ثقافت کاتي طرفان ٿي رهي آهي. ثقافت کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا آفيسر ميزباني ڪري رهيا آهن. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح تي ريسرچ ڪندڙ تائيوان جي خاتون اسڪالر پي لنگ هوانگ شاهه سائين جي سرن جي موسيقيءَ بابت تحقيقي مواد پيش ڪيو. *پي لنگ هوانگ دنبورو ذريعي شاهه سائين جي سرن کي گائي پيش ڪيو ۽ هال ۾ موجود اسڪالرز، دانشورن ۽ ٻين مهمانن کان خوب داد وصول ڪيو. پي لنگ هوانگ شاهه سائين جي سرن سسئي آبري، ڪوهياري، ڪاموڏ ۽ ٻين مختلف سرن کي گائي پيش ڪيو. ادبي ڪانفرنس ۾ آمريڪا مان ڪهي آيل ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ ايملي جي به ادبي ڪانفرنس ۾ خصوصي شرڪت، مقالو پيش ڪيو. ٻئي طرف ڀٽ شاهه ۾ عقيدتمندن جي آمد جو سلسلو جاري، جيڪي پنهنجي عظيم رهبر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن.


November 5, 2017 at 10:31 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو